لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي مقامي عدالت بيلف بڻجي ڪال ڪندڙ دوکيبازن کان هوشيار رهڻ لاءِ خبرداري جاري ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته فراڊين جي ڪال موصول ٿيڻ تي عدالت جي اصل نمبرن تي رابطو ڪريو.
برطانيا ۾ فراڊ جي ذريعي ماڻهن کان رقم ڦٻائڻ جو سلسلو ته هميشه کان جاري آهي، هاڻي انهن فراڊين بيلفس بڻجي ماڻهن کان رقم ڦٻائڻ جو نئون طريقو ڳولي لڌو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب فراڊ ڪندڙ بيلفس بڻجي قرض ادا نه ڪرڻ تي گهر جو سامان کڻڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن ۽ گڏوگڏ صورتحال کان بچڻ لاءِ مقامي عدالت جو بوگس نمبر به فراهم ڪندا آهن.
ان بعد جعلي عدالتي نمائندو ماڻهن کي رقم جلد ادا ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
برطانوي ميڊيا ۾ شايع رپورٽ موجب نارٿمبر لينڊ جي پال ۽ چيشائر جي وڪٽوريه کي لٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو بروقت حاضر دماغي سبب ڦرجڻ کان بچي ويون.
منسٽري آف جسٽس ان تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بيلف بڻجي ڪال ڪرڻ ڏوهه آهي، اهڙي ڪال موصول ٿيڻ تي ان کي بند ڪري ڇڏيو ۽ مقامي عدالت کي درست نمبر تي ڪال ڪريو.
You might also like