ميٽا هٿرادو ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل انسانن جهڙا روبوٽ تيار ڪرڻ جي منصوبابندي شروع ڪئي آهي. بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ڪمپني روبوٽ هارڊويئر تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو گهريلو ڪمن ۾ مدد فراهم ڪري سگهي.
ميٽا اڳ ۾ ورچوئل رئيلٽي هيڊ سيٽس ۽ سمارٽ گلاسز تيار ڪيا آهن، جڏهن ته هاڻي روبوٽ ٺاهڻ لاءِ مختلف ڪمپنين سان به ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي.
رپورٽ موجب، حتمي فيصلو ته ناهي ٿيو، پر ان آپشن کي رد به ناهي ڪيو ويو، ڪمپني روبوٽيڪس سيڪيورٽي معيار تي به ڌيان ڏئي رهي آهي.
ميٽا جي سي ٽي او اينڊريو بوسورٿ چيو ته رئيلٽي ليبز ۽ اي آءِ سيڙپڪاري کي روبوٽيڪس جي شعبي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ميٽا اي آءِ جي اهميت وڌائيندو.
Prev Post
You might also like