ٽرمپ جي اختيارن جو پهريون وڏو امتحان، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان حڪومتي آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جي اختيارن جو پهريون وڏو قانوني امتحان سپريم ڪورٽ پهچي ويو.
ٽرمپ انتظاميا عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته هو وفاقي جج جي ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي جيڪو هيمپتن ڊيلنگر کي ٻيهر ان جي عهدي تي بحال ڪرڻ جي حق ۾ ڏنو ويو هو.
هيمپتن ڊيلنگر، جيڪو آفيس آف اسپيشل ڪونسل جو سربراهه آهي، هڪ آزاد اداري جي اڳواڻي ڪندو آهي جيڪو حڪومتي بدعنوانين، اخلاقيات جي ڀڃڪڙين ۽ سرڪاري ملامن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٿو، هي عهدو انصاف کاتي جي خاص مشير کان الڳ آهي.
ٽرمپ انتظاميا ڊيلنگر کي 7 فيبروري تي هڪ مختصر اي ميل جي ذريعي بنا ڪنهن سبب جي فوري طور تي برطرف ڪري ڇڏيو هو تنهن هوندي هن ان قدم کي غير قانوني قرار ڏيندي ڪيس داخل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي عدالت جي جج ايمي برمن جيڪسن ان جي عارضي بحالي جو حڪم جاري ڪيو.
ان کانپوءِِ اپيلز ڪورٽ جي ججن به ٽرمپ انتظاميا جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد معاملو سپريم ڪورٽ ۾ پهچي ويو.
ٽرمپ انتظاميا جو چوڻ هو ته صدر کي حڪومتي آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو مڪمل اختيار هجڻ گهرجي ۽ ڪنهن به وفاقي جج کي هي حق حاصل نه آهي ته هو صدر جي انتظامي طاقت ۾ مداخلت ڪري.
ان جي وڪيل، وقتي سوليسيٽر جنرل ساره ايم هيرس درخواست ۾ چيو”هي عدالت هيٺين عدالتن کي هي اها اجازت نٿي ڏئي سگهي ته هو عارضي حڪم جي ذريعي صدر جا اختيار کسي وٺن ۽ ان کي مجبور ڪن ته هو ڪنهن عهديدار کي پنهنجي مرضي جي خلاف برقرار رکي. “
ڊيلنگر ۽ ان جي وڪيلن جو چوڻ هو ته ان جي برطرفي قانوني اصولن جي خلاف وزري آهي، ڇو جو 2024 ۾ جڏهن ان کي سينيٽ جي منظوري سان مقرر ڪيو ويو هو ته ان جي عهدي جو مدو پنج سالن جي لاءِ طئي ڪيو ويو هو.
آمريڪي قانون جي موجب، صدر ڪنهن آزاد اداري جي سربراهه کي صرف غفلت، نااهلي يا سنگين بدعنواني جي بنياد تي برطرف ڪري سگهي ٿو، پر ٽرمپ انتظاميا ان کي برطرف ڪرڻ جو ڪو به قانوني سبب ناهي ٻڌايو.
ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي قدامت پسند ججن جي اڪثريت ماضي ۾ صدر جي انتظامي اختيارن کي وڌائڻ جا فيصلا ڏئي چڪي آهي، هن ڪيس ۾ به هي امڪان موجود آهي ته عدالت صدر کي سرڪاري آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏي.
جيڪڏهن ٽرمپ جا دليل قبول ڪيا وڃن ٿا ته ان جو مطلب ٿيندو ته مستقبل ۾ صدر کي ڪنهن به آزاد حڪومتي اداري جي سربراهه کي هٽائڻ جو لامحدود اختيار حاصل ٿي ويندو، جيڪو آمريڪي انتظامي نظام ۾ هڪ وڏي تبديلي هوندي.
ڪجهه قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ 1935 جي تاريخي فيصلي Humphrey’s Executor v. United States کي ختم ڪري ڇڏي، ته اها وفاقي حڪومت جي جوڙجڪ کي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيندي ۽ صدر کي هڪ انتهائي طاقتور انتظامي قوت مهيا ڪري ڇڏيندي. هي ڪيس صدر ٽرمپ جي اختيارن جو هڪ وڏو امتحان ثابت ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن عدالت ان جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته هو مستقبل ۾ ٻين آزاد حڪومتي ادارن جي سربراهن کي به آساني سان هٽائي سگهي ٿو، جڏهن ته ان جي ابتڙ فيصلو آمريڪي صدورن جي اختيارن کي محدود ڪري ڇڏيندو. سپريم ڪورٽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هن ڪيس تي پنهنجو فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.