ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرپشن ۽ عالمي ادارن جي رپورٽ

تحرير: نثار لغاري

 هتي هر اڌاري ۾ ڪرپشن  عروج تي آهي  پر هاڻ عالمي ادارا  به اهو چئي رهيا آهن ته  پاڪستان  دنيا ۾  ڪرپٽ ترين ملڪ آهي . ڪرپشن رشوت  خوري  هن وقت  ناسور آهن جنهن سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي ڪرپشن جي عالمي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو اڃان هيٺ، بدعنواني وڌڻ جا سبب ڪهڙا آهن.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن پرسپشن انڊيڪس رپورٽ 2024 جاري ڪئي آهي، جنهن موجب پاڪستان جي درجا بنديءَ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. رپورٽ مطابق، پاڪستان 180 ملڪن جي فهرست ۾ 135هين نمبر تي آهي، جيڪو ان کي دنيا جو 46هون سڀ کان وڌيڪ بدعنوان ملڪ بڻائي ٿو. ڪرپشن ۾ سڀ کان اڳتي پوليس عدليا سرڪاري  ٺيڪا  ڏيندڙ ادارا اهم مرڪز آهن. پاڪستان جو اسڪور 100 مان 27 آهي، جيڪو گذريل سال جي 29 کان گهٽ آهي. هن گهٽتائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي.

تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو مکيه سبب ملڪ جو انصاف جو نظام، سماجي رويا ۽ ڏکي معاشي صورتحال آهي، جنهن ۾ ڪرپشن کي هڪ عام عمل سمجهيو پيو وڃي. هيءَ گهٽتائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا خاص ڪوشش نظر نٿي اچي.رپورٽ موجب، ڪرپشن پرسپشن انڊيڪس جو ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ اٺ مختلف ذريعا استعمال ڪيا ويا آهن. ”ورائٽيز آف ڊيموڪريسي پروجيڪٽ“ ۾ پاڪستان جو اسڪور 20 مان گهٽجي 14 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ”اڪنامڪ انٽيليجنس يونٽ“ ۾ اسڪور 20 مان گهٽجي 18 ٿي ويو آهي.

ڊنمارڪ کي سڀ کان گهٽ بدعنوان ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڏکڻ سوڊان، صوماليا ۽ وينزويلا کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. ايران، عراق، ۽ روس ۾ به ڪرپشن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي. روس 154هين نمبر تي، افغانستان 165هين ۽ بنگلاديش 151هين نمبر تي پهچي چڪا آهن.

هر ملڪ لاءِ ان جو انفرادي اسڪور شمار ڪيو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ ان جي درجا بندي طئي ڪئي ويندي آهي. اسڪور جو مطلب هي آهي ته ڪنهن به ملڪ جي عوامي شعبي (پبلڪ سيڪٽر) ۾ ٿيندڙ ڪرپشن بابت عوام جو تاثر ڇا آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو اسڪور ٻڙي آهي ته ان جو مطلب آهي ته اهو ملڪ انتهائي ڪرپٽ آهي، جڏهن ته جيڪڏهن 100 آهي ته ان جو مطلب آهي ته اتي ڪا به بدعنواني نه آهي.

هن اسڪور جي بنياد تي ملڪن جي درجا بندي طئي ڪئي ويندي آهي، ۽ جيڪڏهن فهرست ۾ ملڪن جو انگ وڌي وڃي ته درجا بندي بدلجي سگهي ٿي. ان جو مطلب آهي ته درجا بندي کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ جو اسڪور وڌيڪ اهميت رکي ٿو، جيڪو ڪنهن به ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي واڌ يا گهٽتائي کي ماپڻ جو معيار آهي.پاڪستان لاءِ گذريل سال تمام خراب رهيو آهي، ۽ 2015 کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان جو اسڪور 30 کان به گهٽ ٿي ويو آهي.پلڊاٽ جي سربراھ ۽ تجزئي نگار احمد بلال محبوب موجب، ملڪ ۾ ”رول آف لا“ (قانون جي حڪمراني) ۾ گهٽتائي آئي آهي. حڪومت لاءِ ڪنهن به ڪرپٽ شخص تي هٿ وجهڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. سياسي پولرائيزيشن سبب مخالفن تي ڪارروائي ته ٿي رهي آهي، پر پنهنجن ماڻهن لاءِ نرم رويو اختيار ڪيو پيو وڃي، ۽ سندن ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ڪجهه وقت اڳ موسمياتي تبديلي جي نالي تي متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ پاڪستان ۾ ايندڙ مالي امداد ۾ به بيقائدگيون ڏٺيون ويون. هي سڀ اهم سبب آهن، جن جي ڪري ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي.احمد بلال محبوب وڌيڪ چيو ته اسان جو انصاف جو نظام ڪمزور هجڻ ڪري به ڪيتريون ئي وٿيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو سٺو وڪيل هجي ته اهو ڪرپشن يا قتل جي ڪيس مان به سولائي سان بچي سگهي ٿو. انصاف جي هن نظام ۾ رڳو عدالتون شامل نه آهن، پر اهي سمورا ادارا به شامل آهن، جيڪي ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ قائم ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ نيب، ايف آءِ اي، پوليس، وغيره. پر اهي ادارا به سياسي دٻاءُ هيٺ ڪمپرومائز  ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڪرپشن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

سينٽر فار ايروسپيس اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي تجزئي نگار ڊاڪٽر عثمان چوهان موجب، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ريٽنگ صرف هن بنياد تي نه ٿيندي آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي، پر ٻين ملڪن جي ريٽنگ بهتر ٿيڻ سبب به ڪنهن ملڪ جي ريٽنگ گهٽ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪو ملڪ ٻه درجا بهتر ٿي وڃي ته ڪنهن ٻئي جي رينڪ گهٽجي سگهي ٿي.

پاڪستان سميت جيڪي ملڪ 130 کان 140 جي رينڪنگ ۾ آهن، انهن جي صورتحال لڳ ڀڳ ساڳي آهي، ۽ انهن جي رينڪنگ ۾ ڪو وڏو فرق نه آيو آهي.ڊاڪٽر عثمان جو چوڻ هو ته ڪرپشن جو صحيح اندازو لڳائڻ ايترو سولو ناهي، اهو گهڻو ڪري اندازن ۽ ڪڏهن ڪڏهن تعصب جي بنياد تي ٺاهيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻن پوائنٽس جي گهٽتائي سان ڪو وڏو فرق نٿو پوي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن پرسپشن انڊيڪس رپورٽ 2024 جاري ڪئي آهي، جنهن موجب پاڪستان جي درجا بنديءَ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. رپورٽ مطابق، پاڪستان 180 ملڪن جي فهرست ۾ 135هين نمبر تي آهي، جيڪو ان کي دنيا جو 46هون سڀ کان وڌيڪ بدعنوان ملڪ بڻائي ٿو. ڪرپشن ۾ سڀ کان اڳتي پوليس عدليا سرڪاري  ٺيڪا  ڏيندڙ ادارا اهم مرڪز آهن. پاڪستان جو اسڪور 100 مان 27 آهي، جيڪو گذريل سال جي 29 کان گهٽ آهي. هن گهٽتائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن پرسپشن انڊيڪس رپورٽ 2024 جاري ڪئي آهي، جنهن موجب پاڪستان جي درجا بنديءَ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. رپورٽ مطابق، پاڪستان 180 ملڪن جي فهرست ۾ 135هين نمبر تي آهي، جيڪو ان کي دنيا جو 46هون سڀ کان وڌيڪ بدعنوان ملڪ بڻائي ٿو. ڪرپشن ۾ سڀ کان اڳتي پوليس عدليا سرڪاري  ٺيڪا  ڏيندڙ ادارا اهم مرڪز آهن. پاڪستان جو اسڪور 100 مان 27 آهي، جيڪو گذريل سال جي 29 کان گهٽ آهي. هن گهٽتائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.