قذافي ۽ نيشنل اسٽيڊيم جي جديد تعمير ڏسي آءِ سي سي نمائندو وائڙو ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيف ايلڊائس 117 ڏينهن ۾ قذافي ۽ نيشنل اسٽيڊيم جي جديد انداز سان تعمير کي وڏو ڪارنامو قرار ڏئي ڇڏيو.
جيف ايلڊائس لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شوقينن کي بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان وٽ ڪرڪيٽ سان پنهنجي جنون کي ڏيکارڻ جو موقعو آهي، مان اوول ۾ پاڪتسان کي چيمپيئنز ٽرافي کٽيندي ڏٺو آهي.
هن چيو ته قذافي ۽ نيشنل اسٽيڊيم کي جديد صورت ۾ ڏسي خوشي ٿي، 117 ڏينهن ۾ اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.