پتوڪي (ويب ڊيسڪ) چونيان روڊ امام بارگاهه سامهون کليل گٽر ۾ ڪريل عورت کي بچائڻ لاءِ لٿل نوجوان به فوت ٿي ويو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب چونيان روڊ تي امام بارگاهه سامهون هڪ عورت کليل گٽر ۾ ڪري پئي، جنهن کي بچائڻ لاءِ واٽهڙو نوجوان به گٽر ۾ لٿو ۽ ٻئي اندر ڦاسي پيا، جن کي مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت 15 منٽن جي ڪوشش کانپوءِ ٻاهر ڪڍيو.
عورت ۽ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال پتوڪي منتقل ڪيو ويو، جتي ٻنهي دم ڏئي ڇڏيو.
هوڏانهن فوتين جي وارثن واقعي خلاف احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
You might also like