”ٻين صوبن وارا به چون ٿا ته اسان کي مريم نواز جهڙي وزيراعليٰ کپي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته ٻين صوبن وارا چون ٿا اسان کي به مريم نواز جهڙي وزيراعليٰ کپي.
ن ليگ هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته هر ماڻهو پريشان هو پر وزيراعظم شهباز شريف ڏينهن رات محنت ڪئي، آرمي چيف جا به ٿورائتا آهيون ته هن ڪردار ادا ڪيو، حڪومتي قدمن سان مهانگائي گهٽجي وئي آهي.
هن چيو ته عمران خان کي ملڪ بدارن ذاتي مفاد عزيز آهي، پي ٽي آءِ وارا عهدن لاءِ پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، انهن ۾ وڌيڪ چندو جمع ڪرائيندڙ کي عهدو ڏنو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.