ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم حادثن کي بنياد بڻائي ڪراچي ۾ ڏڦيڙ کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي؟ عوام ڄاڻي ٿو ته اصل ڏڦيڙي ڪير آهي.
فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته متحده جا ليڊر سمجهي ڇڏين ته الزامن سان انهن جو قد اوچو نه ٿيندو، ڪراچي جو عوام ڏهاڪن کان متحده جي پرتشدد سياست جي رحم ڪرم تي هو.
هن چيو ته فاروق ستار پ پ تي الزامن کان اڳ پنهنجي تاريخ تي نظر وجهي، متحده جو ڪم تشدد، ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ هو، آفاق احمد جي گرفتاري قانون موجب ٿي، ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، ايم ڪيو ايم واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ بند ڪري.
Prev Post
Next Post
You might also like