نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي علائقي شيوپور ۾ گهوڙي تي ويٺي ڊانس ڪندڙ گهوٽ اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 29 ورهين جو پرديپ ڄڃ وٺي ڪنوار وٽ پهتو ته گهوڙي تي ويٺي ويٺي اوچتو بيهوش ٿي ويو.
گهوٽ کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته دل جي دوري سبب پرديپ جو لاڏاڻو ٿيو آهي.
پرديپ ڪانگريس جي شاگردن ونگ جو اڳوڻو ضلعي صدر هو، جنهن جي شادي ۾ سياسي ماڻهو به شريڪ هئا.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پرديپ گهوڙي تي سوار ٿي اسٽيج ڏانهن وڃي رهيو آهي، اوچتو هو بيهوش ٿي ويو، گهر ڀاتين کيس هيٺ لاٿو ۽ هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه اٿيو.
You might also like