سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي ناليواري اداڪارا ڪم سائي رون گهر مان مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.
ڪورين ميڊيا موجب گادي واري هنڌ سيئول ۾ 24 ورهين جي اداڪارا جو لاش ان جي گهر مان مليو، اداڪارا سان ملڻ آيل دوست گهر جو دروازو نه کلڻ ۽ رابطو نه ٿيڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس گهر اندر پهتي ته اداڪارا جو لاش مليو، جنهن بعد جاچ شروع ڪئي وئي.
پوليس ٻڌايو ته گهر ۾ ڪنهن ڏوهه جي عمل يا ٻاهرين مداخلت جو ثبوت نه مليو آهي، تنهن هوندي موت جو سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي.
واضح رهي ته اداڪارا ڪم کي 2022 ۾ پوليس نشي ۾ گاڏي هلائيندي ۽ نقصان تي گرفتار ڪيو هو، ان تي وڏو ڏنڊ به هنيو ويو، اداڪارا معافي گهرندي ڏنڊ ۽ نقصان پورو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، پوليس کيس آزاد ڪندي ڊرائيونگ لائسنس رد ڪيو هو.
رپورٽس موجب ڪورين اداڪارا ڏنڊ ڀرڻ لاءِ ڪيفي ۾ پارٽ ٽائيم نوڪري ڪندي رهي ۽ پوءِ 2024 ۾ ٻيهر انڊسٽري ۾ واپسي ڪئي ۽ تازو ئي هن هڪ نئون پراجيڪٽ حاصل ڪيو هو.
You might also like