ماريشس جو اڳوڻو وزيراعظم مني لانڊرنگ الزام هيٺ گرفتار

پورٽ لوئس (ويب ڊيسڪ) ماريشس جي اڳوڻي وزير اعظم پراوند جگناٿ کي گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ماريشس جي اڳوڻي وزيراعظم تي مني لانڊرنگ جا الزام هئا، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
ماريشس جي مالياتي ڏوهن جي حوالي سان جاچ ڪندڙ ڪميشن ايف سي سي طرفان پراوند جگناٿ کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ايف سي سي جي ترجمان ٻڌايو ته اڳوڻو وزير اعظم گرفتار آهي ۽ ان کي هڪ حراستي مرڪز ۾ رکيو ويندو.
ايف سي سي موجب اڳوڻي وزيراعظم کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن اداري جي اختيارين پراوند جگناٿ جي رهائشگاهه سميت مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ۽ 24 لک ڊالر برآمد ڪيا.
پراوند جنگناٿ جي وڪيل موجب اڳوڻي وزيراعظم کي مني لانڊرنگ جا الزام هڻي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهي الزام بي بنياد آهن.
پراوند جگناٿ ماريشس جي اڳوڻي حڪومت جو ٻيو اعليٰ ترين عهديدار آهي، جنهن کي نئين حڪومت طرفان گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.