ناليواري گلوڪارا آشا ڀوسلي پنهنجي آخري خواهش ٻڌائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ليجنڊري گلوڪارا آشا ڀوسلي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت دوران پنهنجي زندگي جي آخري خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
آشا ڀوسلي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪندي پنهنجي زندگي، ڪيريئر ۽ مستقبل جي خواهشن تي روشني وڌي، گڏوگڏ ان خواهش جو به اظهار ڪيو ته هوءَ ڳائڻ دوران مرڻ چاهي ٿي.
ليجنڊري گلوڪارا جو چوڻ هو ته ”هڪ ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته ان جا ٻار خوش هجن، هڪ ناني يا ڏاڏي جي خواهش هوندي آهي ته ان جا پوٽا، پوٽيون يا ڏوهٽا، ڏوهٽيون خوش رهن پر منهنجي خواهش آهي ته مان پنهنجي آخري ساهه تائين ڳائيندي رهان.“
هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجي هاڻي صرف اها خواهش آهي ته مان ڳائيندي مري وڃان، هاڻ سکڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچي، مان پنهنجي پوري زندگي ڳايو آهي، مان ٽن سالن جي عمر ۾ ڪلاسيڪل موسيقي سکڻ شروع ڪئي ۽ 82 سالن کان پردي پويان ڳائي رهي آهيان، هاڻي اها خواهش آهي ته ڳائيندي منهنجو ساهه نڪري وڃي ۽ اهو مونکي سڀ کان وڌيڪ خوشي ڏيندو.“
آشا ڀوسلي پنهنجي ڪيريئير بابت ڳالهائيندي چيو ته موسيقي منهنجي زندگي جو اهم ترين حصو آهي، صدائين موسيقي کي پنهنجي زندگي جو مرڪز بڻايو آهي، اها ئي منهنجي سڃاڻپ آهي ۽ خوشي جو ذريعو آهي.“
هن پنهنجي مرحوم مڙس ۽ ليجنڊري ميوزڪ ڪمپوزر آر ڊي برمن کي ياد ڪندي ان جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ”هو غير معمولي فطرت جو انسان هو، هڪ مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر هئڻ باوجود هو پاڻ کي اهڙو نه سمجهندو هو، ان ۾ ڪو به غرور نه هو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.