راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف عاصم منير چيو آهي ته اسان کي پنهنجي مذهب ۽ تهذيب تي خبر آهي، ڪڏهن به فتني خورن کي پنهنجي مدي خارج سوچ ملڪ تي مڙهڻ نه ڏينداسين.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سڄي پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين مان آيل شاگردن سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستاني عوام خاص طور تي نوجوانن جو پاڪ فوج سان انتهائي مضبوط رشتو آهي، ملڪ دشمن عنصرن جي فوج ۽ عوام جي وچ ۾ فرق وجهڻ جي ڪوشش سدائين ناڪام رهي آهي ۽ رهندي. جيستائين قوم خاص طور تي نوجوان گڏ بيٺا آهن پاڪ فوج ڪڏهن به نه هارائيندي، اسان ڪامريڊن وانگر وڙهندا آهيون، اسان لاءِ پاڪستانيت سڀ کان اهم آهي.
پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي مذهب، تهذيب ۽ روايتن تي فخر آهي، هي فتني خور ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪندا آهن؟ اسان ڪڏهن به فتني خورن کي پنهنجي مدي خارج سوچ ملڪ تي مڙهڻ نه ڏينداسين.
پاڪ فوج جي سپهه سالار جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا غيرتمند ماڻهو دهشگردن خلاف سيهي جي ڀت جيان بيٺل آهن.
سربراهه پاڪ جو چوڻ هو ته آرمي اڄ به فتني خورن سان روزاني جي بنياد تي وڙهي رهي آهي، اسان انهن جي مذهبي تشريح سان متفق ناهيون، اسلام دنيا ۾ سڀ کان پهريون مذهب آهي جنهن عورت کي عزت ڏئي آسمان تائين پهچايو، ڀلي عورت هڪ ماءُ هجي، زال هجي يا ڀيڻ ڪنهن به ڪردار ۾ اسلام عورت کي عزت ڏني آهي.
هن جو چوڻ هو ته فتني خور ڪير ٿيندا آهن عورت جي ان مان کسڻ وارا؟ انهن کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو؟ ان کي ڪير به کسي نه ٿو سگهي.
آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسان فتني خور فسادين سان وڙهي رهيا آهيون، اهڙا عنصر اسلام جي غلط تشريح ڪري رهيا آهن، خارجي عنصر اسلامي تعليمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، فسادين بابت اسلام جا حڪم واضح آهن. رياست جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪندڙ رحم جي اميد ڪري سگهن ٿا.