اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو وفد نئين قرض بابت ڳالهين لاءِ جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 1.5 ارب ڊالر جي نئين رعايتي قرض بابت ڳالهيون ٿينديون. نئون قرض پروگرام موسمياتي تبديلين جي نقصانن جي ازالي جي لاءِ هوندو.
ان ڏس ۾ وزير اعظم جي دبئي ۾ ايم ڊي آئي ايم ايف سان تازي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، آءِ ايم ايف جو وفد نئين موسمياتي تبديلي قرض پروگرام تي ڳالهيون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني معيشت کي 2 سال اڳ موسمياتي تبديلين سان 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو هو، آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام ۾ موسمياتي تبديلين جا نقصان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام ۾ موسمياتي تبديلي جي قدمن ۽ هدفن جو جائزو وٺندو.
ذريعن موجب، مارچ جي شروع ۾ آءِ ايم ايف جو هڪ وفد پاڪستان ايندو، وفد پاڪستاني اختيارين سان 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام ۾ هڪ ارب ڊالر جي اڳئين قسط بابت ڳالهيون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي جولاءِ کان ڊسمبر تائين جي معاشي ڪارڪردگي تي آگاهي پڻ ڏني ويندي.
Prev Post
You might also like