اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي، ڇو ته 16 فيبروري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب 16 فيبروري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تيل اگهن ۾ في ليٽر 2.49 رپين کان 9.11 رپين تائين لاٿ ٿي سگهي.
ذريعن موجب امڪاني طور تي پيٽرول 2.49 رپيا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 9.11 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like