افغان طالبان طرفان ٽي ٽي پي جي مدد سبب پاڪستان ۾ حملا وڌي ويا آهن: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا وڌڻ جو سبب ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کي افغان طالبان جي مسلسل مالي ۽ لاجسٽڪ مدد آهي.
گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ٽي پي جي افغانستان ۾ موجودگي ۽ طاقت برقرار آهي، 2024 دوران ان پاڪستان ۾ 600 کان وڌيڪ حملا ڪيا، افغان طالبان ٽي ٽي پي کي ماهوار 43 هزار ڊالر فراهم ڪري رهيا آهن.
رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته افغانستان جي صوبي ڪنڙ، ننگرهار، خوست ۽ پڪتيڪا ۾ پي ٽي پي جا نوان تربيي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ بلوچستان لبريشن آرمي جي مجيد بريگيڊ جي داعش ۽ اوڀر ترڪستان اسلامي تحريڪ سان ڳٺ جوڙ ۽ افغانستان مان ملندڙ مدد جو به انڪشاف ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.