ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد جو مڪي شريف ۾ نڪاح، تصويرون وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪبريٰ خان ۽ اداڪار رشيد گوهر جي شادي جون خبرون سوشل ميڊيا تي نظر آيون هيون جنهن بعد ٻنهي هڪ وڊيو جي ذريعي شادي جي تصديق ڪئي.
اداڪار جوڙي جي نڪاح کان اڳ پاڪستان ۾ ڍولڪي، گيم نائيٽ ۽ پڪنڪ به ٿي چڪي آهي جنهن ۾ شوبز انڊسٽري سان واڳيل سندن دوستن شرڪت ڪئي.
ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد پنهنجو نڪاح مڪه مڪرمه ۾ ڪيو جنهن جي حوالي سان انهن هڪ پوسٽ پنهنجي سوشل اڪائونٽ انسٽا گرام تي به ڪئي.
اداڪارا هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن جو ۽ گوهر رشيد جو خانه ڪعبه تي هٿ رکيل آهي جڏهن ته هڪ ٻئي تصوير ۾ ٻنهي کي حرم شريف ۾ گڏ بيٺل ڏسي سگهجي ٿو.
ڪبريٰ ۽ گوهر رشيد جو نڪاح هلندڙ مهيني جي 12 تاريخ تي ٿيو آهي جنهن جي آگاهي هنن سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ڏني.
هنن لکيو ته 70 هزار فرشتا گواهه ۽ الله جي رحمت اسان تي مينهن جيان وسي رهي آهي جڏهن ته گڏوگڏ انهن ”قبول آهي“ به لکيو.
اداڪارا جي هن پوسٽ تي سندس مداحن طرفان مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.