واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روسي هم منصب ولاديميئر پوتن سان سندس ملاقات سعودي عرب ۾ ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته 2017 ۾ صدر بڻجڻ کانپوءِ ٽرمپ پنهنجو پهريون پرڏيهه دورو به سعودي عرب جو ڪيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،آمريڪي صدر جو اهو دورو ڪامياب رهيو. ان دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون، جڏهن ته دوري جي هڪ مهيني کانپوءِ محمد بن سلمان کي ولي عهد مقرر ڪيو ويو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، محمد بن سلمان ۽ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر جا ويجها لاڳاپا رهيا، سعودي شاهي خاندان خاص طور تي محمد بن سلمان جو روسي صدر پوتن سان به سٺو رابطو رهيو آهي.
رپورٽ موجب، 2022 ۾ روس جي يوڪرائن تي حملي کانپوءِ به سعودي عرب اولهه وارن ملڪن سان گڏجي روس جي قدمن جي مذمت ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
سعودي عرب ۽ روس جي وچ ۾ تيل جي واپار تي سهڪار جاري رهيو، جڏهن ته سعودي عرب يوڪرائن جنگ ۾ قيدين جي ڏي وٺ ۾ به ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو.
رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته سعودي عرب جا بائيڊن انتظاميا سان لاڳاپا خوشگوار نه رهيا.
محمد بن سلمان کي 2018 ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل بعد آمريڪي صدر جو بائيڊن جو اهو بيان وسري نٿو، جنهن ۾ هن سعودي عرب کي ”اڇوت رياست“ قرار ڏنو هو.
ان جي ابتڙ ٽرمپ محمد بن سلمان جي مبينا ڪردار تي کليل لفظن ۾ مذمت کان پاسو ڪيو هو، جيڪو سعودي قيادت کي وڻندڙ عمل لڳو.