اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا عهدو ڇڏي ڏئي ته جيئن نوان ماڻهو اچن.
اسلام آباد ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي، مون کي ان تي خدشا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجون ذميواريون چڱي طرح ناهن نڀايون، چيف اليڪشن ڪمشنر مڪمل طور تي ناڪام ٿيو آهي.
هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر مان اڳتي منصفاڻي چونڊن جي اميد رکڻ چريائپ هوندي، کيس عهدو ڇڏڻ گهرجي ته جيئن نوان ماڻهو اچن.
آءِ ايم ايف وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اهو پاڪستان ۽ دنيا جي تاريخ جو پهريون واقعو آهي، ملاقات سان ظاهر ٿئي ٿو ته معيشت جو عدل ۽ انصاف سان سڌي ريت واسطو آهي ۽ آءِ ايم ايف کي اسان جي انصاف جي نظام تي خدشا آهن.
هن چيو ته 26هين آئيني ترميم تي خدشا آهن، اسان جي راءِ ۾ آئيني بينچ جو ٺهڻ بري شروعات ناهي، آئيني بينچ کي هلڻ ڏنو وڃي ته بهتر نتيجا ايندا.
Next Post
You might also like