ڀارت آخري ون ڊي کٽي انگلينڊ کي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ٽِين ۽ آخري ون ڊي ۾ انگلينڊ کي 142 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلش ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 356 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڀارتي اوپنر شڀمن گِل ون ڊي ڪيريئر جي ستين سينچري اسڪور ڪندي 112 رنسون ٺاهيون، شرياس آئر 78، ويرات ڪوهلي 52، ڪي ايل راهول 40 ۽ هاردڪ پانڊيا 17 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ طرفان عادل رشيد چار، مارڪ ووڊ ٻه، گس اٽڪنسن، ثاقب محمود ۽ جوءِ روٽ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ڀارت جي 357 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي انگلش ٽيم 35 هين اوور ۾ 214 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ٽام بنٽن ۽ گس اٽڪنسن 38-38 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، بين ڊڪٽ 34، جوءِ روٽ 24، فِل سالٽ 23 ۽ هيري بروڪ 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ڀارت جي ارشديپ سنگهه، هرشت رانا، اڪشر پٽيل ۽ هاردڪ پانڊيا 2، 2 جڏهن ته ڪلديپ يادو ۽ واشنگٽن سُندر هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
ميچ ۾ شاندار سينچري ۽ سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي تي شُڀمَن گِل کي پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.