ڪراچي ۾ ڪارروائي، رمضان کان اڳ ڪروڙين رپيا ماليت جي ذخيرو ڪيل کنڊ برآمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان کان اڳ ڪروڙين رپيا ماليت جي کنڊ ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 20 هزار جي لڳ ڀڳ کنڊ جون ٻوريون برآمد ڪيون ويون.
ڪراچي ۾ رمضان کان اڳ ڪروڙين رپيا ماليت جي کنڊ ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍي ۽ ٻين اختيارين ڪورنگي ۾ گودام تي ڇاپو هنيو.
ڇاپي دوران ذخيرو ڪيل 20 هزار جي لڳ ڀڳ کنڊ جون ٻوريون برآمد ڪيون ويون، برآمد ٿيل مال سنڌ جي 9 شگر ملن جو آهي، ٻورين تي ايف بي آر جو جعلي اسٽيڪر به لڳل آهي.
ڇاپي ۾ ايف بي آر، بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائس ڪنٽرول آفيسر به شريڪ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.