وزيراعظم ۽ اماراتي صدر جو وچ اوڀر ۾ ٻه رياستي حل تي زور

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ملاقات ٿي آهي.
ابو ظهبي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شريڪ هو، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ سهڪار کي هٿي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود ڀائيواري ۽ سهڪار تي به ڳالهايو ويو.
اماراتي حڪومت جي پڌرائيءَ موجب ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به گفتگو ٿي، خاص طور وچ اوڀر جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ ٻه رياستي حل جي بنياد تي گڏيل ۽ بين الاقوامي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.