ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا راڪول پريت سنگهه پنهنجي ڪرنگهي جي هڏي ۾ سخت زخم بابت انڪشاف ڪيو آهي، جيڪو اسي ڪلو ڊيڊ لفٽ دوران پيش آيو.
اِهو زخم ايترو شديد هو جو هوءَ ٻن مهينن تائين بستري تي رهي ۽ وڏي مشڪل سان هڪ منٽ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندي هئي.
هڪ انٽرويوءَ دوران راڪول ٻڌايو ته ڌڪ نه رڳو سندس جسماني پر ذهني صحت کي به ڏاڍو متاثر ڪيو .
سندس چوڻ هو ته هن فٽنيس جي بحالي لاءِ سخت ريهيبليٽيشن ڪئي، جنهن ۾ آبي ٿراپي پڻ شامل هئي.
هن ٻڌايو ته ” مان پاڻي ۾ سمورن ڊانس اسٽپس جي پريڪٽس ڪئي ته جيئن ٻيهر ڌڪ نه لڳي “
راڪول انڪشاف ڪيو ته هوءَ هاڻي به سئو سيڪڙو فٽ نه آهي ۽ اٽڪل ڏهه سيڪڙو ريڪوري باقي آهي، پر هوءَ پراميد آهي ته جلد مڪمل فٽنيس حاصل ڪري وٺندي.
اداڪارا جا چاهيندڙ سندس مضبوطي ۽ بهادري مان متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهن.
You might also like