لاهور (ويب ڊيسڪ) 9 مئي تي ڪلمه چوڪ تي ڪنٽينر ساڙڻ جي ڪيس ۾ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، ميان محمود الرشيد، عمر سرفراز چيما جي جيل ۾ حاضري مڪمل ڪئي وئي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاهه محمود قريشي ۽ ياسمين راشد سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت 21 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو.
شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت جوابدارن خلاف پراسيڪيوشن جي شاهدن کي طلب ڪري ورتو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like