واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا سان لاڳاپا رکنداسين ۽ ڪم جونگ ان سان سٺا لاڳاپا رکڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ جاپان جي وزيراعظم شيگيرو ايشيبا سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جتي هن اتر ڪوريا سان سفارتي لاڳاپن جي امڪان تي ڳالهايو.
ٽرمپ جاپاني وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اسان اتر ڪوريا سان لاڳاپا رکنداسين ۽ مان ڪم جونگ ان سان تمام سٺا لاڳاپا رکان ٿو، مان سمجهان ٿو ته اها وڏي ڪاميابي آهي.
هن چيو ته جاپان به اتر ڪوريا سان ڳالهين جو خواهشمند آهي، ڇو ته ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپا ڪڏهن قائم ناهن ٿيا.
ان موقعي تي جاپاني وزيراعظم چيو ته هاڻ جڏهن ٽرمپ ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويو آهي ته آمريڪا، جاپان ۽ ان جا اتحادي اتر ڪوريا سان جوهري هٿيارن جي خاتمي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ اڳتي وڌي سگهن ٿا.
You might also like