ڀارتي واپاري پٽ جي شادي تي 10 هزار ڪروڙ عطيو ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ارب پتي واپاري گوتم اڏاڻي پنهنجي پٽ جي شادي تي 10 هزار ڪروڙ رپيا سماجي ڪمن ۾ عطيو ڪري ڇڏيا.
ڀارتي ميڊيا موجب اڏاڻي گروپ جي چيئرمين گوتم اڏاڻي جي پٽ جيت اڏاڻي جي شادي هيرن جي واپاري جي ڌيءَ ديوا سان ٿي، اها شادي سادگي سان مذهبي ۽ گجراتي رسمن رواجن تحت ٿي، جنهن ۾ خاندان ۽ ويجهن مٽن مائٽن شرڪت ڪئي.
ان شادي جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل آهن، جنهن جو سبب امير صنعتڪار جي نه رڳو سادگي سان شادي پر شادي تي گوتم اڏاڻي طرفان سماجي ڪمن لاءِ 10 هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا عطيو ڪرڻ به شامل آهي.
رپورٽن موجب عطيو ڪيل رقم جو وڏو حصو صحت، تعليم سميت ٻين بنيادي ڪمن تي خرچ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.