پشاور (ويب ڊيسڪ) هڪ مشهور ٽڪ ٽاڪر پنهنجي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب عورت جو موت نشي آور شين سبب ٿيو.
پشاور جي علائقي مچني گيٽ ٿاڻي جي حدن ورسڪ روڊ تي فليٽ مان عورت جو لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ مشهور ٽڪ ٽاڪر سيما گل عرف سائيڪو ارباب جي نالي سان ٿي.
پوليس ٻڌايو ته عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو، شروعاتي جاچ موجب عورت جو موت نشي آور شين سبب ٿيو، ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like