اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام چيو آهي ته عوامي مينڊيٽ تسليم نه ڪرڻ تي ملڪ ٽٽو پر اسان سبق نه سکيو.
جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري پنهنجي بيان ۾ چيو ته تسلسل سان ڌانڌلي وارين چونڊن پاڪستان جي امن ۽ معيشت کي تباهه ڪيو، دوست ملڪن کان پِني گذارو ڪندي ڏهاڪا گذري ويا پر قوم اڃا تائين ويلي لاءِ پريشان آهي.
هن چيو ته جعلي چونڊن جمهوريت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، 2018 کانپوءِ 2024 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا، عوامي مينڊيٽ تسليم نه ڪرڻ تي ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو پر اسان سبق نه سکيو.
اسلم غوري چيو ته جعلي مينڊيٽ وارين حڪومتن ملڪي معيشت ۽ امن تباهه ڪري ڇڏيو، ڌانڌلي جي پيداوار حڪومت کي عالمي مالياتي ادارا ۽ ٻيون قوتون دٻاءَ ۾ رکن ٿيون، جي يو آءِ جو واضح موقف آهي ته جيستائين صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ٿين، امن، ترقي ۽ جمهوريت خواب ئي رهندا.
سندس موجب جي يو آءِ سمجهي ٿي ته ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، مداخلت سان ادارا ڪمزور ٿيندا آهن.
Next Post
You might also like