ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارڻ تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب گلشن اقبال ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارڻ تي مبينا ٽائون ٿاڻي ۾ 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 3 ڀائر به شامل آهن، سرڪاري فرياد تي داخل ڪيس ۾ دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن گلشن اقبال ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار تي جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران پوليس ڪاسٽيبل جي وردي ڦاٽي پئي هئي.
You might also like