ٽريفڪ پوليس منهنجي حوالي ڪيو، ڪنهن جي حياتي وڃي ته مان ذميوار هوندس: ٽيسوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري دعويٰ ڪئي آهي ته ٽريفڪ پوليس منهنجي حوالي ڪيو، ڪنهن جي به حياتي وڃي ته مان ذميوار هوندس.
گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته مان روز جي بنياد تي شهر ۾ نڪرندس، جيڪي ٽينڪر مقرر وقت کان هٽي هلندي نظر ايندا ته انهن کي ٽريفڪ پوليس حوالي ڪندس.
هن دعويٰ ڪئي ته ٽريفڪ پوليس کي منهنجي حوالي ڪيو وڃي، ان کانپوءِ ڪنهن جي حياتي وڃي ته مان ذميوار هوندس، وڏي وزير ۽ پ پ جي دوستن کي چوان ٿو ته اسپاٽ تي ڪم ڪيو، غفلت ڪندڙن کي سزا ڏياريو.
سندس چوڻ هو ته سزا ۽ جزا جو عمل نظر نٿو اچي، حڪمت عملي اهڙي هجڻ گهرجي، جنهن جو اثر نظر اچي، افغانستان مان ايندڙ ٽينڪر غير قانوني طور هلي رهيا آهن، ڪيترائي حادثا ٿيا پر ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ آءِ جي روڊ تي نظر نه آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.