راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 31 ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بشريٰ بي بي جي درخواست قبولي ورتي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ بشريٰ بي بي تي 26 نومبر کانپوءِ داخل 31 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري کي عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ان دوران 31 ڪيسن جا جاچ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي عدالت کي چيو ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ باني ۽ وڪيل سان مشاورت ڪرڻي آهي، مشاورت کانپوءِ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان، مڙس ۽ وڪيل سان ملاقات ڪرائي وڃي ته اڄ ئي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.
بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ باني جي موجودگي ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي به عدالت کي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ عدالت ايس او پي موجب بشريٰ بي بي جي پي ٽي آءِ باني ۽ وڪيل سان ملاقات جو حڪم ڏنو.
پوءِ عدالت ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like