اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي دوران سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، جنهن تحت حڪومت فوج ۽ رينجرز کي سيڪيورٽي تي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کان پاڪ فوج ۽ رينجرز جي مقرريءَ جي منظوري حاصل ڪئي وئي آهي.
ڪابينا ڊويزن ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي دوران پاڪ فوج جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 245 تحت ڪئي ويندي، جڏهن ته رينجرز کي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع تحت مقرر ڪيو ويندو.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع پاڪستان جي ميزباني هيٺ 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين جاري رهندي.
You might also like