پاڪستان مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
ناڻي واري وزارت طرفان موجوده مالي سال جي پهرين 6 مهينن جي خرچن ۽ آمدني جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب پاڪستان پهرين 6 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
رپورٽ موجب 2900 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ پرائمري سرپلس 3600 ارب رپين تائين پهچي ويو، چئني صوبن 750 ارب هدف جي ڀيٽ ۾ 776 ارب سرپلس بجيٽ ڏني، صوبن 376 ارب روينيو هدف جي ڀيٽ ۾ 442 ارب ٽيڪس گڏ ڪيو.
تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 6 مهينن ۾ ايف بي آر کي ٽيڪس روينيو ۾ 384 ارب شارٽ فال رهيو، 6009 ارب هدف جي ڀيٽ ۾ 5624 ارب ٽيڪس گڏ ڪيو ويو پر زرعي آمدني تي ٽيڪس تي عملدرآمد سان روينيو ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب واپار دوست اسڪيم تحت 23.4 ارب ٽيڪس جمع ڪرڻ جو هدف به پورو نه ٿيو، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 5887 ارب رپيا رهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جا خرچ 8200 اربن کان وڌي ويا.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين 6 مهينن ۾ 2313 ارب رپيا بجيٽ خسارو ٿيو، قرضن تي وياج جي مد ۾ 5141 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي ترقياتي منصوبن تي رڳو 164 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.