ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ پروڊيوسر انجلين ملڪ ڪينسر ۾ مبتلا هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي هن پنهنجي مڪمل مٿو ڪوڙيل تصوير شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته هوءَ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙي رهي آهي ۽ سندس ڪيموٿراپي جو سلسلو جاري آهي.
انجلين ملڪ پنهنجي پوسٽ ۾ اهو به ٻڌايو ته ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ باوجود هن پنهنجو جيولري برانڊ پڻ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
شيئر ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پنهنجي زيورن جي نمائش ڪندي کيس نڪ ۾ نٿ ۽ ڳچيءَ ۾ هار پاتل آهي.
اداڪارا جي ان انڪشاف کانپوءِ سندس رڳو مداح ۽ شوبز انڊسٽري سان واڳيل ساٿي به هن جي جلد صحتيابي لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا.
” موتمار بيماري سان جهيڙي رهي آهيان“ مشهور پاڪستاني اداڪارا جو ڪئنسر ۾ مبتلا هئڻ جو انڪشاف
You might also like