” تون جهڙي ڇوڪري جي ڳولا ۾ آهيان“ميزبان جي شاديءَ بابت سوال تي چاهت فتح علي خان جو جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پنهنجي بي سُري آواز ذريعي مشهوري ماڻيندڙ چاهت فتح علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جي ور چڙهي ويو.
ويجهڙ ۾ چاهت فتح علي خان هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ميزبان سان ڀوڳن ۾ شادي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پروگرام دوران ميزبان کائنس پڇيو ته توهان پاڻ کي سنگل چوندا آهيو، ڪهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندئو؟ جنهن جي جواب ۾ چاهت فتح علي خان چيو ته ” مان تون جهڙي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ گذريل هڪ سال کان تنهنجي پويان لڳو پيو آهيان.“
ان کانسواءِ پروگرام دوران هن ميزبان جي ٻين سوالن تي به عجيب حرڪتون ڪيون، جنهن سبب کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به چاهت فتح علي خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هو اداڪارا ۽ ميزبان مٿيرا جي چيلهه تي هٿ رکندي نظر آيو، جنهن تي به کيس تنقيد جو شڪار بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.