پي ٽي آءِ احتجاج، قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي مهربانو قريشي ڪارڪنن سميت گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان 8 فيبروري 2025 تي عام چونڊن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جنهن تحت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن.
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان مختلف علائقن ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته صوابي ۾ تحريڪ انصاف طرفان جلسو به ڪوٺايو ويو آهي.
ملتان ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي نياڻي مهر بانو قريشي، اڳوڻي ايم اين اي زاهد بهار هاشمي ۽ دلير مهار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب، کين پل ڇٽا وٽان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ريلي ڪڍڻ تي پي ٽي آءِ جا 10 کان وڌيڪ ڪارڪن به گرفتار ڪيا ويا.
مظفرآباد ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن آزادي چوڪ تي احتجاج جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا.
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه فاروق پوليس جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ فرار ٿي ويو.
اطلاعن موجب، پوليس خواجه فاروق کي پنهنجي گاڏي بدران هڪ ڪارڪن جي گاڏي ۾ ويهاريو، جتان ڊرائيور پوليس جي سوار ٿيڻ کان اڳ ئي گاڏي ڀڄائي ڇڏي، جڏهن ته پوليس پويان ڊوڙندي رهي.
ان کانپوءِ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مظفرآباد تصديق ڪئي ته پوليس خواجه فاروق کي گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند رکيو آهي، جڏهن ته احتجاج ڪندڙ 16 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.