سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ هڪ وڌيڪ افغان دهشتگرد مارجي ويو، ڇرڪائيندڙ تفصيل پڌرا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڪارروائي دوران هڪ افغان دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، 6 فيبروري تي ٿيل آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ لقمان خان عرف نصرت پٽ ڪمال خان جي نالي سان ٿي، جيڪو افغانستان جي خوست صوبي جي سپيرا ضلعي جو رهواسي هو.
پاڪستاني اختيارين دهشتگرد جي لاش جي واپسي لاءِ افغان حڪومت سان رابطو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته لقمان خان عرف نصرت خلاف پاڪستان ۾ قتل ۽ دهشتگردي جهڙن واقعن ۾ ملوث هجڻ جا ترديد نه ڪرڻ جوڳا موجود آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان کي اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.