اُدِت نارائڻ جي عورت مداح سان اڻ وڻندڙ حرڪت تي عرفي جاويد جو تبصرو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر گلوڪار اُدِت نارائڻ طرفان عورت مداح کي اسٽيج تي چمي ڏيڻ واري حرڪت تي اداڪارا عرفي جاويد به چپ نه رهي سگهي.
عرفي جي هڪ انٽرويوءَ جي ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اُدِت نارائڻ واري معاملي تي کائنس سوال پڇيو ويو، جنهن تي اداڪارا ٺٺول واري انداز ۾ گيت جهونگاريو،”ڪس ڪس ڪو پيار ڪرون مين، ڪس ڪس ڪو دل دون مين.“
عرفي جاويد چيو” سندس (ادت نارائڻ) جي عمر اهڙي آهي، هو هاڻي 69 ورهين جو آهي، ان عمر ۾ اهڙيون حرڪتون ٿينديون رهنديون آهن، کيس قصوروار قرار نٿو ڏئي سگهجي.“
ياد رهي ته اُدِت نارائڻ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو 1994ع ۾ رليز ٿيل فلم ”موهرا“ جو مشهور گيت ”ٽِپ ٽِپ برسا پاني“ ڳائي رهيو هو.
ان دوران هڪ عورت مداح پنهنجي فون سان گڏ اسٽيج جي ويجهو آئي ۽ گلوڪار سان سيلفي وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
اُدِت نارائڻ اسٽيج تان ئي هيٺ جهڪيو عورت جي سيلفي وٺندي گلوڪار مداح جي چپن تي چُمي ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن سميت اُدِت نارائڻ جي مداحن به حيرت جو اظهار ڪندي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.