غزا تي قبضي جي رٿابندي، اسرائيلي فوج کي الرٽ رهڻ جو حڪم

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بچاءُ واري وزير آمريڪي صدر جي غزا تي قبضي جي اعلان کانپوءِ فوج کي الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي بچاءُ واري وزير خميس ڏينهن فوج کي تيار رهڻ جا حڪم جاري ڪيا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزا جي رهواسين کي رضاڪاراڻي طور علائقو ڇڏڻ جي رٿابندي لاءِ تيار رهي.
رپورٽن موجب، اسرائيلي وزير اهو حڪم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا تي قبضي واري اعلان کانپوءِ جاري ڪيو، جڏهن ته ٽرمپ کي اهڙي اعلان کانپوءِ عالمي سطح تي سخت مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
اسرائيلي بچاءُ واري وزير چيو ته صدر ٽرمپ جي دليراڻي منصوبي جي آجيان ڪيون ٿا، غزا جي رهواسين کي آزادي سان لڏپلاڻ جي اجازت هجڻ گهرجي جيئن سموري دنيا ۾ قانون آهن.
اسرائيلي بچاءُ واري وزير کان پڇيو ويو ته فلسطينن کي ڪير وٺندو؟ جنهن جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اهي ملڪ جن غزا ۾ اسرائيل جي فوجي آپريشن جي مخالفت ڪئي، جن ۾ اسپين، آئرلينڊ، ناروي ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.
هن چيو ته انهن ملڪن اسرائيل تي فوجي آپريشن بابت ڪوڙا الزام مڙهيا، تنهن ڪري هاڻي کين قانوني طور غزا جي رهواسين کي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت ڏيڻ گهرجي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل غزا جي شهرين جي نيڪالي لاءِ زميني رستن سميت جهاز ۽ سامونڊي رستن ذريعي خاص انتظامن جي حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.