جيڪڏهن توهان کي صبح جو بسترو ڇڏڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ اٿڻ کانپوءِ به گهڙي گھڙي ٻيهر سمهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ته اهو مسئلو رڳو توهان سان ناهي پر اها عادت صحت لاءِ سٺي ناهي سمجهي ويندي.
صبح جو سوير اٿڻ جا ڪيترائي فائدا آهن پر گهڻا ماڻهو دير سان اٿڻ جا عادي هوندا آهن ۽ بسترو ڇڏڻ ۾ سستي ڪندا آهن.
صبح جو سوير جاڳڻ سان صحت تي ڪيترائي هاڪاري اثر پوندا آهن، ننڊ جو معيار بهتر ٿيندو آهي، سڄو ڏينهن توهان وڌيڪ متحرڪ هوندا آهن، ذهني دٻاءُ گهٽجندو آهي ۽ هر ڪم ڌيان سان ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
جيڪڏهن توهان کي صبح جو سوير اٿڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي ته ماهرن جي هنن هدايتن تي عمل ڪيو.
1. روز هڪ ئي وقت سمهڻ ۽ جاڳڻ جي ڪوشش ڪيو، ايتري تائين جو ويڪ اينڊ تي به ائين ئي ڪيو، ان سان توهان جي جسم جي اندروني گهڙي منظم ٿي ويندي آهي ۽ ننڊ جو معيار بهتر ٿيندو آهي.
2. سمهڻ کان اڳ ڪتاب پڙهڻ، هلڪي ورزش يا مراقبي جهڙيون سرگرميون اختيار ڪيو، اهي عادتون توهان جي دماغ کي سگنل ڏينديون ته ننڊ جو وقت ٿي چڪو آهي، ان سان سمهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ذهني دٻاءُ گهٽجندو.
3. چانهه، ڪافي ۽ ٻيون ڪيفين واريون شيون ننڊ کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، تنهن ڪري سمهڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪيفين جو استعمال نه ڪيو، ائين ئي سمهڻ کان اڳ گهڻو کائڻ کان به پرهيز ڪيو ته جيئن بهتر ننڊ اچي.
4. جاڳڻ کانپوءِ فوري طور قدرتي روشني ۾ وقت گذاريو، دريون کولي ڇڏيو يا ٻاهر وڃي گهمو ته جيئن جسم کي اشارو ملي ته ڏينهن جي شروعات ٿي چڪي آهي.
5. جيڪڏهن توهان دير سان جاڳڻ جا عادي آهيو ته فوري طور تي وڏي تبديلي بدران هوريان هوريان ننڊ جي وقت کي تبديل ڪيو، روز پنهنجو الارم 15 کان 30 منٽ اڳ لڳايو، ايتري تائين جو پنهنجي گهربل روٽين تي اچي وڃو.
6. باقاعده ورزش ننڊ جي معيار کي بهتر بڻائيندي آهي ۽ صبح جلدي جاڳڻ آسان بڻائيندي آهي پر سمهڻ کان اڳ سخت ورزش کان پاسو ڪيو، ڇو ته ان سان ننڊ متاثر ٿي سگهي ٿي.
Prev Post
You might also like