لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آرمي چيف کي لکيل خط بابت سوال تي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مريم نواز چيو ته پاڪستاني عوام ڀڃ ڊاهه جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج جا ڪيترائي سڏ آيا، جن کي عوام رد ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته منهنجي رڳن ۾ ڪشمير جو رت ڊوڙي ٿو، ڪشمير پاڪستان بڻجندو نعرو هڪ ڏينهن سچ ٿيندو.
Next Post
You might also like