خطرناڪ ۽ تيزي سان وڌندڙ فالج کي روڪيندڙ سولو ڪم! کوڙ بيمارين کان به محفوظ

فالج هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو دنيا ۾ موت جو هڪ وڏو سبب بڻجي ٿو. جيڪڏهن فالج جو علاج فوري طور نه ڪيو وڃي، ته اهو موت جو سبب به بڻجي ويندو آهي ۽ انڪري اهو ضروري آهي ته ان جا خطرا وڌائيندڙ علامتن ۽ عنصرن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.

سڀ کان پهريون ته اهو ڄاڻي وٺو ته فالج جا ٻه قسم آهن هڪ دماغي رت جي بندش، ، جنهن ۾ دماغي رڳ ڦاٽڻ سبب فالج ٿيندو آهي، جڏهن ته ٻئي قسم ۾ دماغ تائين رت پهچائڻ واري رڳ بلاڪ ٿي وڃي ٿي، جنهن سان آڪسيجن جي گهٽتائي ٿئي ٿي ۽ دماغ کي نقصان پهچندو آهي.

اڄڪلهه جي دور ۾ نوجوان ماڻهن ۾ فالج جهڙي موتمار مرض جي حد ۾ وڏي حد تائين واڌ ٿي رهي آهي، پر توهان کي اهو ڄاڻي خوشي محسوس ٿيندي ته فالج کان بچڻ ممڪن ته آهي ئي پر تمام سولو به آهي. ان لاءِ رڳو هڪ سولي ۽ سادي عادت تي عمل ڪري فالج کي روڪي سگهجي ٿو.

ڏکڻ ڪيرولائنا يونيورسٽي ۾ ڪئي وئي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان هر هفتي هڪ دفعو پنهنجي ڏندن کي صاف ڪري، مطلب ته توهان کي هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو پنهنجا ڏند بهتر نموني صاف (نيم گرم پاڻي جا گرڙا)ڪرڻا آهن جنهن سان فالج جو خطرو گهٽائي سگهجي ٿو. ان تحقيق ۾ 6000 کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ۽ انهن کان گرم پاڻي سان گرڙا ڪرڻ واري عادت جي فائدن بابت بيان ڪيو آهي.

اهڙي عمل جي جاچ ڪئي وئي ته 4092 ماڻهن کي فالج سان منهن نه ڏيڻو پيو، جڏهن ته انهن مان گهڙي قدر دل جي ڌڙڪڻ ۾ بي ترتيبي کان محفوظ رهيا. ان سان گڏوگڏ انهن کي هاءِ بلڊ پريشر، شگر، ڪوليسٽرول، سگريٽ نوشي، جسماني وزن، تعليم ۽ ڏندن کي برش ڪرڻ بابت ڄاڻ پڻ حاصل ڪئي وئي.

تحقيق ۾ اها به خبر پئي ته جيڪي ماڻهو هر هفتي هڪ ڀيرو نيم گرم پاڻي جا گرڙا ڪندا آهن ، انهن ۾ دماغ تائين رت پهچائڻ واري رڳ جو بلاڪ ٿيڻ ۽ فالج جو خطرو 22 سيڪڙو تائين گهٽجي وڃي ٿو.

اهڙي ريت دل جي ڌڙڪڻ ۾ بي ترتيبي جو خطرو 44سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي ۽ دل ۾ رت جي رڪاوٽ جو خطرو 12سيڪڙو تائين گهٽجي ٿو.

ماهرن اهو پڻ ٻڌايو ته گهڻا گرڙا ڪرڻ سان جتي فالج جو خطرو گھٽجي ٿو، اتي ڏندن ۽ هوڙن جي بيمارين کان بچڻ ۾ مدد پڻ ملي ٿي. ان کانسواءِ جڏهن ماڻهو پنهنجي وات جي صحت جو خيال رکندا آهن، ته جسم ۾ سوڄ به گهٽ ٿيندي آهي، ۽ رڳون مضبوط ٿين ٿيون.

هن تحقيق جي نتيجن کي آمريڪن اسٽروڪ ايسوسيئيشن جي سالياني ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويو.

جيڪڏهن گرم پاڻي ۾ ٿوري مقدار ۾ لوڻ وجهي ۽ گراڙا ڪجن ته اهو نڙي، ڳلي ۽ ٻين مسئلن سميت پيٽ جي ڪيترين ئي بيمارين کان تحفظ ملندو. بلڊ پريشر جو شڪار ماڻهن کي لوڻ جا گرڙا ڪرڻ کان احتياط ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.