پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملو ٿئي ته رڳو جي ايڇ ڪيو جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلندو؟ آئيني بينچ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته خدا نه ڪري جيڪڏهن پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ يا جي ايڇ ڪيو تي دهشتگرد حملو ٿئي ٿو ته ڇا پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ تي حملن جو ٽرائل اي ٽي سي ۾ ٿيندو ۽ رڳو جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو؟
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جسٽس ريٽائرڊ جواد ايس خواجا جي وڪيل خواجا احمد دليل ڏنا.
وڪيل خواجا احمد حسين دليلن ۾ چيو ته سويلينز جو ڪورٽ مارشل ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٿي سگهي، فوجي عدالتن جو طريقي ڪار شفاف ٽرائل جي گهرجن جي ابتڙ آهي، سپريم ڪورٽ جي سڀني پنجن ججن فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي طريقيڪار جي شفافيت تي اتفاق ناهي ڪيو، ڇا ڌماڪو ڪندڙ، ملڪ دشمن جاسوس سان ڳٺ جوڙ ڪندڙ ۽ عام سويلينز ۾ ڪو فرق ناهي؟
جسٽس حسن اظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي پنهنجن دليلن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي، وڪيل خواجا احمد جواب ۾ چيو ته مان ڪنهن دهشتگرد يا جوابدار جي دفاع ۾ دليل نٿو ڏيان، سويلينز جو ڪورٽ مارشل ممڪن هجي ها ته 21هين ترميم ڪرڻ جي ضرورت نه پئي ها.
جسٽس حسن اظهر چيو ته 21هين ترميم ۾ ڪجهه ڏوهه آرمي ايڪٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا، وڪيل خواجا احمد جواب ۾ چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کان اڳ جيڪڏهن ڪورٽ مارشل ممڪن هجي ها ته آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت نه پئي ها، جيڪڏهن اهڙو ڪورٽ مارشل ممڪن آهي ته عدالت کي اهو قرار ڏيڻو پوندو ته 21هين ترميم بنا جواز ڪئي وئي هئي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 21هين ترميم ۾ ته سياسي پارٽي کي ٻاهر رکيو ويو هو، عدالت آڏو سوال آهي ته آرمي ايڪٽ ڪنهن تي لاڳو ٿيندو.
وڪيل خواجا احمد چيو ته 21هين ترميم ۾ آرٽيڪل 175 ۾ به ترميم ڪئي وئي، فوجي عدالتن ۾ فيصلن تائين ضمانت جو ڪو تصور ناهي، جسٽس حسن چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ته اسپيڊي ٽرائل ڪيو ويندو آهي، 15 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي وڃي ٿو ته ضمانت هجڻ يا نه هجڻ سان ڇا فرق پوندو؟ فوجي عدالتن ۾ اپيل ڪنهن آزاد فورم تي وڃي ٿي، جوابدار جي گرفتاري کان اڳ به ۽ سزا کان پوءِ به حق هوندا آهن.
وڪيل خواجا احمد چيو ته آرمي ايڪٽ ٺيڪ آهي پر اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته اهو ڪنهن تي لاڳو ٿيندو، عدالت کي رڳو اها درخواست آهي ته ڪورٽ مارشل جو دروازو نه کوليو وڃي.
جسٽس مندوخيل چيو ته خدا نه ڪري جيڪڏهن پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ يا جي ايڇ ڪيو تي دهشتگرد حملو ٿئي ٿو ته ڇا پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ تي حملن جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندو ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلندو؟ منهنجي نظر ۾ ٽنهي حملن ۾ ڪو فرق ناهي، پوءِ انھن ۾ فرق ڇو ۽ ڪيئن ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.