ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر اڀيشيڪ شرما انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شاندار اننگز کيڏي ڪيترائي رڪارڊ جوڙي ورتا.
ممبئي ۾ انگلينڊ خلاف کيڏيل آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسون ٺاهيون، ڀارت جي نوجوان اوپننگ بيٽر اڀيشيڪ شرما شاندار اننگز کيڏي.
اڀيشيڪ 37 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي ۽ مجموعي طور 54 بالن تي 13 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 135 رنسون ٺاهيون.
هن ڀارت طرفان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ٻي تيز ترين سينچري اسڪور ڪئي، ان کان اڳ روهت شرما 35 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
انگلينڊ خلاف 135 رنسن جي اننگز کيڏي اڀيشيڪ شرما ڀارت طرفان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڏو انفرادي اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجي ويو.
انگلينڊ خلاف 13 ڇڪا هڻندڙ اڀيشيڪ ڪنهن به ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت طرفان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ رانديگر پڻ بڻجي ويو.
You might also like