اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ايندڙ هفتي جو روسٽر جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق خط لکندڙ 5 ساٿي ججن جي راءِ سان اتفاق نه ڪيو.
پاڪستان جي ٽن ٻين هاءِ ڪورٽن مان ٽرانسفر ٿيندڙ ٽن ججن جا نالا ايندڙ هفتي جي ڪازلسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
نئين ڪازلسٽ موجب لاهور هاءِ ڪورٽ مان ايندڙ جسٽس سرفراز ڊوگر سينيئر پيوني جج لاءِ مخصوص بينچ نمبر 2 ۾ شامل آهي.
ان کان اڳ بينچ 2 جي سربراهي ڪندڙ جسٽس محسن اختر ڪياني سڀاڻي کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بينچ نمبر 3 جي سربراهي ڪندو.
سنگل بينچ جي فهرست ۾ به جسٽس سرفراز ڊوگر جو نالو ٻئي ۽ جسٽس محسن جو نالو ٽئين نمبر تي موجود آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ايندڙ جسٽس خادم حسين سومرو نائين ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان ايندڙ جسٽس آصف 11هين نمبر تي موجود آهي.
You might also like