عوام لاءِ سٺي خبر، حڪومت جو بجلي سستي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن تحت مالي سال 25-2024 جي ٻين ٽن مهينن لاءِ ٻه رپيا في يونٽ لاٿ جو امڪان آهي.
پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ايڊجسٽمينٽ جي درخواست به نيپرا کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
منظوري جي صورت ۾ مارچ 2025 کان بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، جنهن سان عوام کي 52 ارب رپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو.
نيپرا 12 فيبروري تي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي، لاٿ مارچ، اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ بجلي اگهن تي اثرانداز ٿيندي.
ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ لاڳو ٿيندي، جڏهن ته لائف لائن واهپيدارن کي رليف نه ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.