ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر امام الحق چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو.
امام الحق ايڪس تي لکيو ته نتيجو منهنجي اميدن موجب ناهي پر سفر اڃا ختم ناهي ٿيو، اها ئي زندگي آهي.
هن چيو سڀ ڪجهه اهو ئي آهي ته هر مشڪل سان اڳتي وڌڻو آهي ۽ پاڻ کي مضبوط بڻائڻو آهي ۽ سڀ کان اهم صبر ۽ الله تي يقين آهي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ اوپننگ لاءِ امام الحق کي مضبوط اميدوار سمجهيو پئي ويو پر کيس اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو.
امام الحق کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ تي ڪرڪيٽ شوقينن پڻ افسوس جو اظهار ڪندي سليڪٽرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
Next Post
You might also like