لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ان حوالي سان سليڪٽر اسد شفيق چيو ته اسان فخر زمان سان رابطي ۾ هئاسين، هو مڪمل طور فٽ آهي، جڏهن ته صائم ايوب مڪمل فٽ ناهي، هو پاڪستان جو مستقبل آهي، تنهن ڪري رسڪ نه کنئي، فٽ ٿي واپسي ڪندو.
هن چيو ته آءِ سي سي ايونٽ لاءِ تجربي جي ضرورت هوندي آهي، سعود شڪيل تجربي ڪار آهي ۽ دٻاءَ ۾ کيڏڻ ڄاڻي ٿو، هو اوپننگ به ڪري سگهي ٿو، اسڪواڊ جي چونڊ ڪندي انهن ڳالهين جو خيال رکيو ويو.
فخر زمان سان گڏ ٻئي اوپنر جي حوالي سان اسد شفيق چيو ته اهو فيصلو سليڪشن ڪميٽي ميچ کان اڳ ڪندي، ڪنڊيشن کي ڏسي فيصلو ڪنداسين، اميد ته ٽيم سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي.
Prev Post
You might also like