حيدرآباد سول اسپتال جون نرسون دوائون چوري ڪندي پڪڙجي پيون

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ٻه اسٽاف نرسون دوائون چوري ڪندي پڪڙجي پيون.
سول اسپتال جي اسسٽنٽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر فيضان ميمڻ موجب ٻئي نرسون گهڻي عرصي کان دوائن جي چوري ۾ ملوث هيون، شڪايتون وصول ٿيڻ تي ٻنهي جي ريڪي ڪئي وئي ۽ کين پڪڙيو ويو، ٻنهي نرسن جي قبضي مان هينڊ بيگز کانسواءِ دوائون سان ڀريل ٿيلهيون به مليون.
برآمد ٿيل دوائون بازار ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿينديون آهن، ٻئي نرسون پيڊز وارڊ ۾ مقرر هيون، ٻنهي جون خدمتون هيلٿ سيڪريٽريٽ کي واپس ڪري جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.