لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور کان ڪراچي ايندڙ شاليمار ايڪسپريس کي شاهدرا ڀرسان حادثو پيش آيو.
ريلوي ذريعن موجب شاهدرا ريلوي اسٽيشن ڀرسان شاليمار ايڪسپريس جون ٽي بوگيون پٽڙيءَ تان هلي ويون، ٽرين جي هڪ بوگي پل کان هيٺ لهي وئي.
ذريعن ٻڌايو ته حادثي سبب اپ اينڊ ڊائون ٽريڪ بند ٿي ويو ۽ لاهور کان فيصل آباد ويندڙ ٽرينن جو شيڊيول متاثر ٿي ويو.
ريلوي اختيارين موجب حادثي ۾ ڪنهن قسم جو جاني نقصان نه ٿيو.
You might also like